چيڪلو/ چيکلو

چيڪلو/ چيکلو

چيڪلو/ چيکلو

چيڪلو/ چيکلو (پکي): هڪ قسم جو ڍانڍي پکي آهي، جيڪو ڳيري جيڏو، رنگ ميٽائون، ڪارا چٽ، پيٽ اڇو، ڳچي ڳاڙهي ۽ سائي رنگ جو هوندو آهي، جنهن کي ’چيکلو‘ يا ’چيخلو‘ به چوندا آهن. هيءُ ننڍڙو پکي تيز اڏامندڙ پکين ۾ شمار ٿيندو آهي. شڪاري به هن پکيءَ جو شڪار ڪندا آهن. هيءُ اڇي ۽ ميرانجهي رنگن جو ٿيندو آهي، جنهن مان پاءُ کن گوشت نڪرندو آهي، جيڪو کائڻ ۾ لذيذ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو